تازه ترين

سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي

- Advertisement -
سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي قلات ۾ دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز جي چيڪ تي  حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جنهن دوران 6 دهشتگردن مارجي يا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جا ست جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو قلات جي علائقي شاهه مردان ۾ دهشتگردن سڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب حملي دوران سڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ست جوان بهادريءَ سان وڙهندي شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن  جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو. ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن،استحڪام ۽ ترقيءَ کي نقصان پهچائڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پر عزم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
13 %
6kmh
0 %
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
32 °
سُومر
30 °

تازه ترين خبرون