- Advertisement -
سگريٽ ڇڪيندڙن لاءِ ڏکيا ڏينهن اچڻ وارا آهن، يورپي ملڪن عوامي هنڌن سميت کليل فضا ۾ به سگريٽ ۽ ويپ واپرائڻ تي پابندي لڳائڻ طرف وڌندي اهڙين سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
فرانسيسي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته يورپي يونين جي ملڪن تماڪ واپرائڻ خلاف سخت قانون لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيڻ تي اتفاق ڪندي راند جي ميدانن ۽ ڪيفيز سميت کليل آسمان هيٺ به سگريٽ ۽ ويپ واپرائڻ تي پابنديءَ جي حمايت ڪئي آهي.
برسلز ۾ يورپي يونين جي ستاويهن ملڪن جي اجلاس ۾ صحت وارن وزيرن ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي سگريٽ يا ويپ وائرائڻ سبب دونهين سبب ٻي جي متاثر ٿيڻ سبب سگريٽ ۽ ويپ خلاف ڪريڪ ڊائون لاءِ سفارشن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس دوران ڳالهائيندي يورپي يونين جي هيلٿ ڪمشنر اوليور چيو ته اڄوڪو معاهدو يورپ ۾ تماڪ کان پاڪ نسل واري مقصد طرف هڪ اهم قدم آهي، جيڪو ٻارن توڙي نوجوانن کي ٻيو ڪنهن جي سگريٽ يا ويپ وائرائڻ سبب پيدا ٿيندڙ دونهين جي نقصانڪار اثرن کان بچائڻ لاءِ اهم آهي.
هن چيو ته جيتوڻيڪ هي سفارشون سمورن ميمبر ملڪن کي پابند نٿيون بڻائن ڇاڪاڻ ته صحت جو معاملو هر ملڪ جو پنهنجو پنهنجو انفرادي معاملو آهي، پر اِهي سفارشون اهڙين پاليسين طرف اِشارو آهي، جيڪي مستقبل ۾ حڪومتون اختيار ڪري سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته اُهي تماڪ نوشيءَ سبب ٿيندڙ موت جي واقعن ۽ بيمارين کي گهٽائڻ چاهين ٿيون.
رپورٽ موجب يورپي يونين جي صحت وارن وزيرن جي اجلاس ۾ جرمني ۽ يونان کانسواءِ سمورن ملڪن سفارشن جي منظوري ڏني، ٻن ملڪن جي مخالفت هن اهم معاملي تي سياسي فرق يا اختلاف به ظاهر ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته گذريل هفتي به يورپي پارليامينٽ ان قسم جي متن خلاف ووٽ ڏنو هو.
صحت وارن وزيرن جي اجلاس ۾ منظور ڪيل دستاويزن ۾ يورپي يونين ۾ شامل ملڪن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اُهي سگريٽ جي استعمال تي پابندين ۾ توسيع ڪن ڇاڪاڻ ته سگريٽن جي جاءِ تي اِليڪٽرانڪ سگريٽ سميت ٻيون شيون نوجوانن ۾ مقبول ٿي رهيون آهن.- Advertisement -
