سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪابينا ۾ شامل 29 نقطن تي غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ وڏي وزير هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪمن جي بروقت مڪمل ٿيڻ ۽ معيار کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته سمورا وزير ۽ سيڪريٽري پنهنجن کاتن جي ترقياتي منصوبن جي نگراني ڪن، جڏهن ته پرڏيهي فنڊنگ سان هلندڙ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيا ادارا به پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ وڏي وزير ڪراچي جي اهم منصوبن جيڪي ڊونرز يا سنڌ حڪومت وٽ منظوري جي مرحلي ۾ آهن، جن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽس،آءِ سي آءِ برج کان ڪورنگي ڪاز وي ايڪسپريس وي پروجيڪٽ، ڊي سيلينيشن پلانٽس ۽ ٻين منصوبن تي ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
28%
0.8m/s
0%
اڱارو
16 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون