تازه ترين

شاهه نوراني  جي پانڌئيڙن سان حادثي جي جاچ بابت بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شاهه نوراني  جي پانڌئيڙن سان حادثي جي جاچ بابت بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ٽراما سينٽرجو دورو ڪري شاهه نوراني حادثي   جي زخمين جي عيادت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه ڊاڪٽرن کي هدايت ڪئي ته حادثي جي زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حادثي جا ڪجهه زخمي اڃا حب اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، خبر نه پئجي سگهي آهي ته بدنصيب ٽرڪ تي ڪيترا ماڻهو سوار هئا. هن چيو ته بلوچستان مان وڌيڪ زخمين کي ڪراچي منتقل ڪري سگهجي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي ٽراما سينٽر ۾ زخمين جي علاج جو بهترين بندوبست ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٽراما سينٽر ۾ 13 مريض علاج هيٺ آهن جنهن مان پنجن کي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو آهي. هن چيو ته حادثي جي فوتين ۽ زخمين جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته پ پ جا قومي ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر حادثي متاثر ڳوٺ ۾ موجود آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته حادثي جي جاچ بابت بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
44 %
2.1kmh
3 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون