- Advertisement -
شنگهائي سهڪار تنظيم جي 23 هين سربراهي اجلاس ۾ ميمبر ملڪن نئين اقتصادي ڊائيلاگ تي اتفاق ڪري ورتو، ميمبر ملڪن اجلاس جي گڏيل پڌرائي تي صحيون ڪري ڇڏيون.
ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن ملڪن وچ ۾ 8 ڪاغذن تي صحيون ڪيون ويون.
ميمبر ملڪن جي اڳواڻن تنظيم جي بجيٽ بابت معاملي جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس جي موقعي تي ايس سي او سيڪريٽريٽ بابت ڪاغذن تي به صحيح ڪئي وئي.
شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن انسداد دهشتگردي جي علائقائي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي بابت ڪاغذن تي صحيح ڪئي، جڏهن ته نئين اقتصادي ڊائيلاگ تي به اتفاق ڪيو، ميمبر ملڪن جي سربراهن نئين اقتصادي ڊائيلاگ جي ڪاغذن تي به صحيح ڪري ڇڏي.
ميمبرن ملڪن جي اڳواڻن جي تنظيم جي بجيٽ بابت معاملن جي منظوري ڏني وئي.
ايس سي او سيڪريٽريٽ بابت ڪاغذن تي به صحيح ڪئي وئي.
ايس سي او جي 23 هين اجلاس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي.
ايس سي او اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو 23 هون سربراهي اجلاس اسالم آباد ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ بيلا رس جي وزيراعظم گلووچنڪو، ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر، ايران جي معدنيات واري وزير سيد اطباق ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
پڌرائي موجب ايس سي او ملڪن ون ارٿ، ون فيملي ۽ ون فيوچر تي زور ڏنو، فورم هڪ طرفي تجارتي پابنديون لڳائڻ جي مخالفت ڪئي، هڪ طرفيون پابنديون ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي خلاف خلاف آهن.
تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سياست، سڪيورٽي، واپار، معيشت، سيڙپڪاري ۽ ثقافت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.
ڪونسل يو اين جنرل اسيمبلي جي امن هم آهنگي ۽ ترقي بابت قرارداد جي حمايت ڪئي.
پڌرائي موجب اجلاس ۾ ايس سي او جي معاشي ۽ تنظيمي سرگرمين جو جائزو ورتو ويو، ميمبر ملڪن ۾ جاري سيڙپڪاري منصوبن لاءِ ڊيٽا بينڪ ٺاهڻ جي تجويز تي زور ڏنو ويو، سربراهن ملٽي ليٽرل ٽريڊ ۽ معاشي سهڪار بابت رپورٽ جي منظوري ڏني.
شنگهائي سهڪار تنظيم سربراهي حڪومت جي صدارت روس جي حوالي ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف طرفان روس کي تنظيم جي صدارت ملڻ تي کيس مبارڪ ڏني وئي- Advertisement -
