تازه ترين

شهبازشريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي عيدالفطر جون واڌايو

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف، ترڪ صدر رجب طيب اردگان،  قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ عمان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيد جون واڌايون ڏنيون آهن. شهبازشريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي عيدالفطر جون واڌايون ڏنيون. ٻنهي اڳواڻن عيد جي موقعي تي پاڪستاني ۽  ترڪ عوام لاءِ امن، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شهبازشريف ۽ رجب طيب اردگان ٻنهي ملڪ وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعن ۾ سهڪار وڌائڻ جو عزم ورجايو. وزيراعظم، ترڪ صدر کي جلد دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. شهبازشريف، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري کين عيد جون واڌايون ڏنيون. وزيراعظم، پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ اقتصادي توڙي واپاري لاڳاپن کي وڌي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون. شهبازشريف، قطر جي امير کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي قطر جي امير کيس جلد پاڪستان جي دوري جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم شهبازشريف، عمان جي سلطان حاتم بن طارق کي ٽيليفون ڪري عيد جون واڌايون ڏنيون. شهبازشريف مسلمان امت وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ سان گڏوگڏ اسرائيل طرفان غزا ۾ ظلم جي خاتمي جي به دعا ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اقٿصادي سهڪار مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ ۽ ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطيءَ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
28 %
1.1kmh
0 %
آچر
25 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون