تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن تي  ضابطو آندو ويو: مقبول باقر

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن تي  ضابطو آندو ويو

امام حسين  عليه السلام ۽ سندس جانثارن جي چاليهي جي جلوس ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هو قانون جي حڪمراني قائم ڪري رهيا آهن، ڏوهن تي ضابطي لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن.

هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

نگران وڏي وزير چيو ته ڪجهه مغوين کانسواءِ سمورا بازياب ڪرايا ويا آهن، رهيلن کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته هنن پوليس کي واضح پيغام ڏنو آهي ته شهرين جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

نگران وڏي وزير چيو ته گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن، جن مان هاڪاري نتيجا  سامهون ايندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته حڪومت معاشي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

نگران وڏي وزير  جلوس کان اڳ نشتر پارڪ ۾ مجلس ۾ به شرڪت ڪئي.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو به دورو ڪيو، جتي هن سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

وڏي وزير ايم اي جناح روڊ، سي بريز ۾  چاليهي جي جلوس جي پڄاڻيءَ تي به شرڪت ڪئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
13 %
5.3kmh
8 %
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون