شڪارپور جي مختلف ھوٽلن ۽ کير جي دڪانن تي ڪيميڪل مان تيار ٿيندڙ کير جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آھي.
کير جي دڪانن، ھوٽلن ۽ ڪارخانن تي اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور ۽ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم جي ڇاپا هڻي ڪيميڪل مان تيار ڪيل کير هٿ ڪيو.
اسسٽنٽ ڪمشنر فيضان ظفر چيو ته چانھن جي ھوٽل تي موجود ڪيميڪل وارو کير ضايع ڪري ھوٽل مالڪ تي 30 ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آھي.
اسسٽ ڪمشنر شڪارپور جو چوڻ هو ته الله والا چوڪ تي النعيم ۽ المبارڪ دڪانن تان کير هٿ آيو، ٻنهي دڪانن جي مالڪن تي 80-80 ھزار ڏنڊ لڳايو ويو.
اسسٽنٽ ڪمشنر فيضان ظفر جو چوڻ هو ته کير ۾ صرف، صابڻ ۽ صحت لاءِ ھاڃيڪار ڪيميل استعمال ڪيو پيو وڃي.
مختلف بيڪيرين تي ناقص شيون تيار ڪرڻ تي ڏنڊ مقرر ڪيا ويا.
انڊسٽريل ايريا ۾ اشفاق بيڪرس، اي ڊي فوڊ، توڪل فوڊ ۽ البرڪت بيڪرس تي ھڪ ھڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو . اسسٽنٽ ڪمشنر فيضان ظفر چيو ته عوامي شڪايتن تي ڊي سي شڪارپور جي حڪم تحت ڪاروايون ڪري ستن لکن کان وڌيڪ ڏنڊ وصول ڪيو ويو آھي.
