تازه ترين

شڪارپور پوليس اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن کي بازياب نه ڪرائي سگهي

- Advertisement -
شڪارپور پوليس 48 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت ٻين اهلڪارن کي بازياب نه ڪرائي سگهي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر طرفان مغوي پوليس اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ ڏنل مهلت جو به اڄ آخري ڏينهن آهي. شڪارپور پوليس، ڌاڙيلن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڪچي ۾ اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ آپريشن شروع نه ڪري سگهي جڏهن ته پوليس ڪوٽ شاهو ٿاڻي تائين محدود آهي. اهلڪارن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس پاران جتوئي برادريءَ جي معزز سان رابطا جاري آهن جڏهن ته ڌاڙيلن ۽ پوليس ۾ ڊيڊلاڪ برقرار آهي. ڌاڙيل پنهنجي ساٿي مهر بڊاڻي جي آزاديءَ تائين مغوي اهلڪارن کي آزاد نه ڪرڻ تي بضد آهن. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد جسڪاڻي ۽ رينجرز جا اعليٰ آفيسر به شڪارپور ۾ موجود آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
26 %
1.4kmh
4 %
سُومر
26 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون