تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدارتي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم کان به ووٽ حاصل ڪيا ويندا : مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صدارتي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم کان به ووٽ حاصل ڪيا ويندا، متحده سان پيپلزپارٽي جا ماضي ۾ بهتر لاڳاپا رهيا آهن، ايم ڪيو ايم جي مڪاني نظام بابت ڊمانڊ پنجاب لاءِ ٿي سگهي ٿي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي. صدارتي چونڊ لاءِ آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته صوبائي اسيمبلي ميمبرن سان گڏ عدالت پهچي صدر آصف علي زرداري جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. سندس چوڻ هو ته 4 مارچ تي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ اسلام آباد ۾ ٿيندي، سندن مڪاني نظام هن وقت بااختيار آهي، ايم ڪيو ايم جي مڪاني نظام بابت ڊمانڊ پنجاب لاءِ ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪابه ڳالهه ٿي آهي ته اها پنجاب بابت هوندي، پنجاب ۾ مڪاني نظام ناهي. هن چيو ته علي امين گنڊاپور جي تقرير مان معلوم ٿئي ٿو ته پارٽي جي گائيڊ لائن ڪهڙي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون