صدر عارف علوي کي نوٽيفڪيشن جي 2 ڏينهن کانپوءِ خيال آيو ته الله کي گواهه بڻائڻو ۽ ۽ معافي گهرڻي آهي: خواجا آصف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته صدر عارف علوي کي نوٽيفڪيشن جي 2 ڏينهن کانپوءِ خيال آيو ته الله کي گواهه بڻائڻو ۽ ۽ معافي گهرڻي آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته بد ديانتي جي به ڪا حد هوندي آهي، سوشل ميڊيا کي گند ڪنهن بڻايو ۽ هڪ سڄي نسل کي تباهه ڪيو ويو.

خواجا آصف چيو ته ٽي وي اسٽيشن ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪنهن ڪيو، ان جي به معافي گهري وڃي، پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ مخالف ڌر خلاف قانون جو غلط استعمال ٿيو ان جي به معافي گهري وڃي.

هن چيو ته 9 مئي تي جڏهن رياست خلاف بغاوت ٿي ته صدر پاڪستان جي ڪهڙي ذميواري هئي، توهان ڪڏهن سوچيو آهي.

خواجا آصف چيو ته اڄ جڏهن آئين موجب قانون ٺاهيو پيو وڃي ته توهان جو جعلي ضمير جاڳي پيو آهي. اوهان عوامي شعور کي گهٽ نه سمجهو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
30%
2.3m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون