- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري ترڪيه ۾ فوجي جهاز جي حادثي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
ترڪيه ۾ فوجي جهاز کي پيش آيل حادثي جي حوالي سان صدر آصف علي زرداريءَ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ قوم سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.
صدر پاڪستان حادثي ۾ شهيد ٿيل ترڪ اهلڪارن لاءِ بلند درجات لاءِ دعا ڪئي.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداريءَ چيو ته پاڪستان ترڪيه جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، ترڪيه ۽ پاڪستان آزمائش جي هر گھڙي ۾ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن………..
- Advertisement -
