تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحي ڪري ڇڏي، صدر جي صحي بعد ٻئي بل قانون بڻجي ويا.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحي ڪري ڇڏي.

صدر جي صحي بعد ٻئي بل قانون جي شڪل اختيار ڪري ويا.

فوج خلاف چڙڏياريندڙ مهم هلائڻ تي ٻن ورهين تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا هوندي.

سرڪاري حيثيت ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ مفاد ۾ حاصل ٿيندڙ حساس معلومات ظاهر ڪندڙ شخص کي پنجن ورهين تائين سخت قيد جي سزا ڏني ويندي.

آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان معلومات ظاهر ڪرڻ تي سزا نه هوندي.

ترميمي بل موجب، ملڪ ۽ فوج جي مفاد خلاف انڪشاف ڪندڙ سان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت منهن ڏنو ويندو.

هن قانون جي ماتحت شخص سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندو.

لاڳاپيل شخص رٽائرمينٽ، استعيفيٰ ۽ برطرفي جي ٻن ورهين بعد تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي هوندي.

قانون موجب، حساس ڊيوٽي تي مقرر شخص پنجن ورهين تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندو، پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي ٻن سالن تائين سخت سزا ٿيندي.

آرمي ايڪٽ جي ماتحت شخص جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ڪرائيم ۾ ملوث هجي جنهن جو مقصد پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ هجي ته ان خلاف اليڪٽرڪ ڪرائيم تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.

جيڪڏهن ڪو شخص فوج کي بدنام ڪري يا ان خلاف نفرت پکيڙي ته ان کي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا هوندي.

صدر جي منظوري بعد آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل باقاعده قانون بڻجي ويو جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.

ملڪي مفاد خلاف معلومات دستاويزن جو انڪشاف ڪندڙ، ڏوهي هوندو.

ڪوبه شخص جيڪو ڄاڻي واڻي امن جو مسئلو پيدا ڪري، رياست خلاف ڪم ڪري ٿو حساس هنڌ تي حملو يا نقصان پهچائي ٿو جنهن جو مقصد سڌوسنئون دشمن کي فائدو پهچائي ٿو ته اهو ڏوهي ٿيندو.

سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل موجب، اليڪٽرانڪ يا جديد اوزار سان يا ان کانسواءِ ملڪ جي اندر يا ٻاهر کان دستاويزن توڙي معلومات تائين غير مجاز پهچ حاصل ڪندڙ ڏوهي تصور ٿيندو.

ملڪ جي اندر يا ٻاهر رياست جي تحفظ يا مفادن خلاف ڪم ڪندڙن خلاف ڪارروائي به ساڳئي ايڪٽ تحت ٿيندي.

ڏوهي شخص کي 3 سال قيد، 10 لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿينديون.

آفيسرن جي مقرري ڊي جي ايف آءِ اي ڪندو ضرورت پوڻ تي گڏيل جاچ ٽيم به جوڙي ويندي ڄاڻايل ڏوهه خاص عدالت ڏانهن اماڻيو ويندو.

خاص عدالت 30 ڏينهن اندر ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو ڪندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
24 %
2kmh
70 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون