تازه ترين

صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران حڪومت جي ويندي ويندي ارسا جي اختيارن کي گهٽائڻ واري آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران حڪومت جي ويندي ويندي ارسا جي اختيارن کي گهٽائڻ واري آرڊيننس کي رد ڪري ڇڏيو . ذريعن موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1991 جي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي ان بنياد تي رد ڪيو ته مفادن ۽ حقن بابت هڪ اهڙي نازڪ معاملي تي اڻ چونڊيل انتظاميا کي جلدبازي ۾ غور نه ڪرڻ گهرجي . ذريعن جو چوڻ آهي ته ارسا جي قانون ۾ ترميم جو مطلب ارسا جا اجتمائي اختيار گهٽ ڪرڻ هو. ذريعن موجب ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن کي نگران وفاقي ڪابينا جنوري جي آخري هفتي ۾ قانون واري وزير احمد عرفان اسلم جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي سي سي ايل سي جي منظوري بعد منظور ڪيو هو. ذريعن موجب، 26جنري تي ٿيل سي سي ايل جي اجلاس ۾ 1992ع جي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو هڪ انتهائي حساس معاملو آهي ۽ نگران حڪومت کي ان کان پري رهڻ گهرجي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا 26 ۽ 31 جنوري جي سي سي ايل سي جي فيصلن جي منظوري ڏني، جڏهن ته قانون واري وزارت کي آرڊيننس لاڳو ڪرڻ لاءِ صدر ڏانهن اماڻڻ جي اجازت ڏني . صدر صدر آرڊيننس کي رد ڪندي چيو ته ان معاملي کي صوبن جي چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل آئيني فورم تي ڇڏيو وڃي . آرڊيننس جي مسودي ۾ چيو ويو هو ته چيئرمين جو عهدو ميمبرن کان ڌار ڪيو وڃي ۽ ان جي مقرري وفاقي يا صوبائي حڪومتن بدران سڌي ريت وزيراعظم ڪري. ذريعن موجب مسودي جي قانون ۾ ارسا جي ڪنهن به فيصلي کان ناراض ٿيڻ تي صوبائي حڪومتن کي سي سي آءِ سان رابطو ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ ان بدران ارسا جي چيئرمين سامهون نظرثاني داخل ڪرڻ جي ضرورت هئي جيڪو هڪ آزاد ماهر جي سان گڏ صلاح مشورو ڪرڻ جي بنياد تي زباني حڪمن جي ذريعي ان معاملي جو فيصلو ڪرڻ هو. صوبائي نمائندگي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڄاڻايل آرڊيننس ۾ ارسا جي وائيس چيئرمين جو عهدو ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي هئي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون