- Advertisement -
صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا جي ضلعي بنون ڪينٽ تي خارجين جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگرد کي بروقت ڪارروائي ۾ جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
صدر مملڪت آصف علي زرداري بنون ڪينٽ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪيو.
صدر آصف علي زرداريءَ وقت سر ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ پڻ ڪئي.
هن چيو ته رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ افطار دوران اهڙو حملو ڪـُڌو عمل آهي، سڪيورٽي فورسز خارجين خلاف آپريشن جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، سموري قوم ان سان گڏ آهي.
ٻئي پاسي وزيراعظم محمد شهباز شريف به بنون ڪينٽ تي خوارج جي حملي کي ناڪام بڻائڻ ۽ دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي جي ڪوشش ڪندڙ خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ ڪئي ان سان گڏ واقعي ۾ بيگناهه شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.
وزيراعظم شهيدن جي بلند درجن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر جي دعا ۽ واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي ۽ چيوته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خارجين جي حملي کي ناڪام بڻايو، رمضان جي مقدس مهيني ۾ بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ وارا بزدل دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار نه آهن، خارجي پاڪستان ۽ ان جي معصوم شهرين جا دشمن آهن، جن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو……….- Advertisement -
