- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته صنعتڪارن تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌڻ گهرجي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ به گهٽتائي ڪئي پئي وڃي، وياج ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي، مضبوط معيشيت ملڪي سڪيورٽي جي ضمانت آهي، حڪومتي قدمن سان عام واهپي وارين شين جا اگهه گهٽ ٿي ويا آهن.
سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس ۾ ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشيت ترقي جي رستي تي هلي رهي آهي، مهانگائي تي ضابطو آندو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته سيالڪوٽ جي انڊسٽري معيشيت لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته نان فائلر ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ پڪڙ ۾ ايندا، ٽيڪس ادائگي ۾ هيسائڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، صنعتڪارن جي صلاح مشوري سان بجيٽ ۾ تجويزون پيش ڪندا.
هن چيو ته بجيٽ تجويزن لاءِ هو پاڻ صنعتڪارن وٽ ايندا، صنعتڪارن تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌڻ گهرجي، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ به گهٽتائي ڪئي پئي وڃي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته وياج ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿي رهي آهي، مضبوط معيشيت ملڪي سڪيورٽي جي ضمانت آهي، حڪومتي قدمن سان عام واهپي وارين شين جا اگهه گهٽ ٿي ويا آهن.- Advertisement -
