تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڪرپشن 50 سيڪڙو گهٽ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي: خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪرپشن 50 سيڪڙو گهٽ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ملڪ خراب دور مان گذري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جي دٻاءَ باوجود روشني نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي، نان ڪسٽم گاڏين جي تمام گهڻي سمگلنگ آهي، حلال ۽ حرام جي تميز ختم ٿي چڪي آهي، پرويز الاهي ٻڌايو ته هڪ ڪاموري نياڻين جي شادي ۾ چئن ارب رپين جي سلامي ڪمائي، هڪ ڪسٽم ڪليڪٽر ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندو آهي. سيالڪوٽ ۾ ايوان صنعت ۽ واپار ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جي انتها آهي، جيڪڏهن ڪرپشن 50 سيڪڙو گهٽ ٿي وڃي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ملڪ ترقي جي رستي تي هلي پيو آهي. سندس چوڻ هو ته گذريل هڪ سال کان ملڪ آءِ ايم ايف جي دٻاءُ مان گزري رهيو آهي، پر ملڪ اندر استحڪام جي ضرورت آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سان بهتري ايندي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هو ايوان صنعت ۽ واپار جي مسئلن کان آگاهه آهن، پر سيالڪوٽ شهر جو ڪلچر سامهون آهي، پرائيويٽ ڀائيواري سان ايئرپورٽ ۽ اڏامن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي نٿو ملي. هن چيو ته گذريل ٽن چئن مهينن کان کيس پورٽ شپ جي ٽاسڪ فورس جو چيئرمين بڻايو ويو آهي، هڪ ڪنٽينر کي آپريٽ ڪرڻ لاءِ 6 ڪلاڪن جو وقت گهربل هوندو آهي، گاڏين مان ٽريڪر لاهي ٻين گاڏين ۾ لڳايا ويندا آهن. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته هوابازي واري وزير پاڪستاني ايئر لائن لاءِ خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، سال جي شروعات کان ايئر سيال، ايئر بليو ۽ فلائي جناح کي دبئي جي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪرڻ جي اجازت هوندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
29 %
2.3kmh
0 %
آچر
22 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون