تازه ترين

صوبائي گهرو وزير جي صدارت هيٺ برساتن بابت ڪوٺايل اجلاس، ٻه ٽائون آفيسر معطل

- Advertisement -
صوبائي گهرو وزير ضياالحسن لنجار، نوشهري فيروز ۾ برساتن بابت ڪوٺايل اجلاس ۾ غير حاضر رهندڙ اسڪارپ کاتي ۽ ٻن ٽائون آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو. برساتن بابت فوڪل پرسن ۽ صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس دوارن غير حاضر رهندڙ اسڪارپ کاتي جي آفيسر جاويد ٽانوري جي معطلي لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکيو ويو، جڏهن ته ٺارو شاهه ۽ مٺياڻي جي ٽائون آفيسرن کي به معطل ڪيو ويو. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته اسڪارپ کاتي جو ڪم مطمئن ڪندڙ ناهي، آفيسر گڏجاڻين ۾ نٿا اچن. سندس چوڻ هو ته برساتي پاڻي نيڪالي لاءِ ترت اپاءَ ورتا وڃن، ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڊي سي ارسلان سليم، چيئرمين نذير احمد ميمڻ، ڪاشف ميمڻ، امتياز آرائين، رائو صغير احمد، راڻا باقر علي سميت ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
55 %
0.3kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون