- Advertisement -
صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار حيدرآباد پهچي 18 آڪٽوبرتي رٿيل جلسي جي انتظامن جو جائزو ورتو.
رات دير سان صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار حيدرآباد پهچي جلسي گاهه جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو ، ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ لنجار پڻ گڏ ھئا.
ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو گھرو وزير کي جلسي گاھ سميت سمورن روٽن تي سيڪيورٽي ۽ ٽرئفڪ پلان بابت بريفنگ ڏني.
گھرو وزير جلسي گاھ جي اندروني، چئوطرف سميت روٽن ته سيڪيورٽي معاملن ۽ قدمن جو جائزو ورتو ۽ وڌيڪ ھدايتون ڏنيون.
گھرو وزير سيڪيورٽي ڊپلائمنٽ ۽ اضافي نفري بابت ڊي آءِ جي سان ڳالھ ٻولھه ڪئي ۽ ھر ممڪن قدم اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ان موقعي تي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته حيدرآباد جلسو ڪارساز جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
