- Advertisement -
سنڌ جي ايڪسائيز کاتي سالياني ٽيڪس ريونيو هدف جو 27 سيڪڙو پهرين ٽن مهينن ۾ حاصل ڪري ورتو.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايڪسائيز ٽيڪسيشن ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائيز اورنگزيب اڪبر پنهور، ڊي جي نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
صوبائي وزير کاتي جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي کاتي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته موٽر وهيڪل ٽيڪس جو نظام 15 ڏينهن ۾ آن لائن ڪيو وڃي، شهرين لاءِ ٽيڪس جو نظام وڌيڪ آسان ۽ هاڪاري بڻايو وڃي، هاڪاري خدمت جي فراهمي سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي- Advertisement -
