- Advertisement -
سنڌ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو آزاد نموني چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن آءِ جي سنڌ رفعت مختار ۽ ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند سميتٻين شرڪت ڪئي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن ۾ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته جن کي به اغوا ڪيو ويو آهي، انهن کي فوري طور بازياب ڪرائي رپورٽ ڏني وڃي.
نگران وڏي وزير اسٽريٽ ڪرائيم کي هر صورت ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اجلاس ۾ عادي ڏوهاري کي ٽيگ ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو.
نگران وڏي وزير چيو ته عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر هجڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو آزاد نموني چونڊن ۾ حصو وٺي سگهن.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سمورن ٿاڻن کي پنهنجي حدن ۾ پئٽرولنگ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
آءِ جي سنڌ، نگران وڏي وزير کي پوليس اسٽيشنن ۽ موبائلز ۾ وائر ليس سسٽم جي بحاليءَ تي رپورٽ ڏني.- Advertisement -
