تازه ترين

عدالت اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪيندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي لکت ۾ معافي وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ  اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عمر سومرو موقف اختيار ڪيو عدالتي حڪم باوجود اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪم باوجود ڪيس داخل ڪرڻ تي عدالت پوليس عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز سنگهار ملڪ کي لکت ۾ معافي وٺڻ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي ايس پي لکت ۾ عدالت کان معافي گهري ورتي. عدالت جو چوڻ آهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين تي ڪيس داخل نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪن ٿا ته عدالت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون