- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ وڏي وزير جي ٿيل چونڊ کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ تائين وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني تصور ٿيندي، جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ سهيل آفريدي جي چونڊ عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير جو نوٽيفڪيشن ڪير ڪڍندو؟ هو علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ مان مطمئن ناهي، اطمينان سندس حق آهي.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور اربع ڏينهن وٽس اچي، کيس چانهه به پياريندو ۽ سندس استعيفيٰ به منظور ٿي ويندي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته علي امن گنڊاپور جي استعيفيٰ منظور ٿيڻ تائين وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني تصور ٿيندي.
هوڏنهن خيبرپختونخوا اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر عباد الله وڏي وزير جي چونڊ کي عدالت ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته وڏي وزير جي چونڊ غير آئيني آهي، هو سمجهن پيا ته استعيفيٰ منظور ٿي وئي آهي ان ڪري اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا…………- Advertisement -
