علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا نه پر افغانستان جي ڪنهن صوبي جو وڏو وزير لڳي رهيو آهي : فيصل ڪريم ڪنڊي

- Advertisement -
گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا نه پر افغانستان جي ڪنهن صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو، ڪي پي جي وڏي وزير سان شروع ۾ هاڪاري ڳالهيون ڪيون پر هن فائدو حاصل ڪيو، هو هڪ آئيني عهدي تي ويٺو آهي، آئين خلاف ڪم نه ٿيڻ ڏيندو پر جيڪڏهن صوبي جي امن ۽ ترقي لاءِ ڪوبه ڪم ڪندو ته سندس ساٿ ڏنو ويندو، تحريڪ انصاف جا ماڻهو ملڪ دشمني جي ايجنڊا کڻي گهمن ٿا، هن قسم جي ماڻهن کي جلسي جي بلڪل اجازت نه ڏيڻ گهرجي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان شروع ۾ هاڪاري ڳالهيون ڪيون پر هن فائدو حاصل ڪيو. سندس چوڻ هو ته هو هڪ آئيني عهدي تي ويٺو آهي، آئين خلاف ڪم نه ٿيڻ ڏيندو پر جيڪڏهن صوبي جي امن ۽ ترقي لاءِ ڪوبه ڪم ڪندو ته سندس ساٿ ڏنو ويندو. خيبرپختونخوا جي گورنر چيو ته حڪومتون ٻين حڪومتن سان ڳالهيون ڪنديون آهن، ڪي پي جو وڏو وزير چئي رهيو آهي ته هو ٻئي ملڪ سان ڳالهيون ڪندو، علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا نه پر افغانستان جي ڪنهن صوبي جو وڏو وزير لڳي ٿو. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو ملڪ دشمني جي ايجنڊا کڻي گهمن ٿا، هن قسم جي ماڻهن کي جلسي جي بلڪل اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
0.9m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون