عوام جي تڪليف ۽ ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج ڪرڻ سان بجلي جا بل گهٽ نٿا ٿي سگهن: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام جي تڪليف ۽ ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج ڪرڻ سان بجلي جا بل گهٽ نٿا ٿي سگهن، پر امن ۽ پرتشدد احتجاج ۾ فرق سمجهڻو پوندو، عوام ڊسڪوز ملازمن تي تشدد بدران مسئلي جي حل طرف اچن، نگران وزيراعظم بجلي جي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو آهي، نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ان معاملي تي غور ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي رليف ڏئي سگهجي ٿو.

 جاري ڪيل بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت 17 آگسٽ تي قسم کنيو، ان بحث ۾ نه پوڻ گهرجي ته بجلي جا بلن ۾ اضافي جو ذميوار ڪير آهي، سندن فوڪس آهي ته عوام کي ڪنهن به ريت رليف ڏنو وڃي.

هن چيو ته نگران وزيراعظم بجلي جي بلن ۾ اضافي جو نوٽيس ورتو آهي، نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ان معاملي تي غور ڪيو ويندو، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي رليف ڏئي سگهجي ٿو، ميڊيا بجلي جي بلن ۾ اضافي جا سبب به ماڻهن کي ٻڌائي.

مرتضيٰ سولنگي چيو ته عوام جي تڪليف ۽ ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج ڪرڻ سان بجلي جا بل گهٽ نٿا ٿي سگهن، پر امن ۽ پرتشدد احتجاج ۾ فرق سمجهڻو پوندو، عوام ڊسڪوز ملازمن تي تشدد بدران مسئلي جي حل طرف اچن. نگران وفاقي وزي چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان طئه ٿيندڙ تاريخ تي پرامن۽ اڻڌريون چونڊون يقيني بڻائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪندا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
43%
0.4m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون