- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عوام جي راءِ کي دٻايو ويندو ته هنن جو به حال بنگلاديش جي حڪمرانن جهڙو ٿيندو، رڳو نوڪرين جي ڪوٽا واري معاملي تي بنگلاديش ۾ حالتون خراب ٿيو ۽ وزيراعظم کي ملڪ ڇڏڻو پيو.
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ملڪي معيشيت ڪمزور ٿي ته رپيو ڪمزور ٿي ويو.
سندس چوڻ هو ته بجلي جي انويسٽمينٽ ڊالرن ۾ ٿيندي آهي، معيشيت سياسي عدم استحڪام سان ڪمزور ٿي، جيڪڏهن رپيو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو ته بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اوهان پاڻ دعوت ڏئي ڪري آءِ پي پيز لڳرايا آهن.
شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته حڪومت چيو هو ته نيب کي ختم ڪيو ويندو پر ان کي مضبوط ڪيو پيو وڃي، جيستائين نيب جو ادارو موجود هوندو هي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.
هن چيو ته بجلي جا بل ڀرڻ عوام لاءِ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڊالر جو اگهه گهٽ هجي ها ته بجلي جا بل به گهٽ اچن ها.
شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪي آءِ پي پيز لڳل آهن اهي اوهان دعوت ڏئي لڳايا آهن……..- Advertisement -
