تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

عوام کي سستي، آسان ۽ جديد سفري سهولتون جلد فراهم ڪرڻ حڪومت جو عزم آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ اختيارين کي ريڊ لائن ۽ ييلو لائن بي آر ٽي منصوبن تي تعميراتي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندن چوڻ آهي ته جديد ترين ڊيزائن تي مستمل بي آر ٽيز شهرين کي رليف فراهم ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ڪنسلٽنٽس، ڪنٽريڪٽرز ۽ اعليٰ اختيارين شرڪٽ ڪئي. اجلاس دوران بي آر ٽي جي ٻنهي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪم جي معيار تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام کي سسٽي، آسان ۽ جديد سفري سهولتن جي جلد کان جلد فراهمي سنڌ حڪومت جو عزم آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪوشش هئڻ گهرجي ته ڊيڊ لائن کان اڳ ٻنهي بي آر ٽيز جي تڪميل مڪمل ٿي وڃي، ته جيئن عوام فائدو حاصل ڪري سگهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ٻئي منصوبا مڪمل ٿيڻ سان شهرين لاءِ سفر آسان ٿي ويندو ۽ لکين ماڻهن کي فائدو ٿيندو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموريون ڌريون منصوبن کي وقت تي ۽ ڪاميابيءَ سان پورو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ متحرڪ رهن، اهي منصوبا سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهن، انهن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان لکين ماڻهن کي گهڻو رليف ملندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
15 %
3.1kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون