تازه ترين

غزه تي اسرائيلي جي وحشياڻي بمباري جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 126 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي جي وحشياڻي بمباري جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 126 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته 241 ٿي زخمي ٿي پيا. غزه جي صحت واري وزارت موجب، يهودي فوج غزه جي اسپتالن ۽ رهائشي علائقن تي بمباري ڪئي، صرف هڪ اسپتال مان 57 لاش مليا آهن. غزه جي صحت واري وزارت موجب، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين اسرائيلي فوج جي دهشتگردي ۾ شهيد فلسطينين جو انگ شهيد فلسطينين جو تعداد 23 هزار 210 تائين پهچي ويو  آهي جن ۾ 10 هزار 900 ٻار ۽ 7 هزار کان وڌيڪ عورتون شامل آهن جڏهن ته زخمين جو تعداد 59 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي. اختيارين موجب، حملن ۾ طبي عملي جي 236 رضاڪارن ۽ شهري دفاع جي 45 اهلڪارن به شهادت جو جام پيتو. ٻئي پاسي فسطين جي مزاحمتي تنظيمن طرفان اسرائيل تي جوابي حملا جاري آهي، حماس جي حملن ۾ 9 فوجي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ان سان گڏ حزب الله اسرائيل جي شهر صفد ۾ اسرائيلي ملٽري ڪمانڊ سينٽر کي ڊرون حملي جو نشانو بڻايو. اسرائيلي ميڊيا دعوى ڪئي ته واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو. هوڏانهن لبنان جي ڏکڻ واري علائقي غندوريه ۾ گاڏي تي ٽارگيٽيڊ حملي ۾ حزب الله جي ٽن ميمبرن جي مارجڻ جا اطلاع پڻ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.6 ° C
33.6 °
33.6 °
6 %
8.2kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون