- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي فوج جي دهشتگردي کي هڪ سئو ڏينهن پورا ٿي ويا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج جي جارحيت ۾ وڌيڪ 135 فلسطيني شهيد ۽ 312 زخمي ٿي پيا.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جارحيت ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 23 هزار 800 تائين پهچي ويو جڏهن ته زخمين تعداد 60 هزار کان وڌي ويو آهي.
عرب ميڊيا موجب، يهودي فوج والاريل اولهه ڪناري ۾ ٽن فلسطيني نوجوانن کي شهيد ڪيو جڏهن ته النصيرات ۽ الفارع ڪيمپ تي حملي ۾ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.
عرب ميڊيا موجب، الاقصيٰ اسپتال ويجهو ڌماڪن ۽ چڪرين جا اطلاع مليا آهن، غزه ۾ صرف 6 ايمبولينسون استعمال جوڳيون آهن جڏهن ته انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪام سروس هڪ ڀيرو ٻيهر معطل ڪئي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب غزه ۾ الاقصيٰ اسپتال ويجهو ڌماڪن ۽ زوردار جهڙپ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته الاقصي اسپتال ۾ تيل ختم ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي القسام بريگيڊ جا يهودي فوج جي جوابي حملا جاري آهي، ڪارواين دوران 5 اسرائيلي فوجي مارجي ويا.
اسرائيل زميني ڪاررواين ۾ هن وقت تائين 187 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته غزه جنگ ۾ 4 هزار فوجي معذوري جو به شڪار ٿي ويا آهن- Advertisement -
