- Advertisement -
غزه جي مسلمانن تي اسرائيلي ظلم رُڪجي نه سگھيا،اسرائيلي فورسز جي گولا باري، ڊرون حملا ۽ فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.
اسرائيل جي نصيرات ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ ست فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عرب ميڊيا موجب، سامونڊي علائقن ۾ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ 16 فلسطيني نوجوانن شهادت جو جام پيتو، اتر جي رهائشي عمارتن تي اسرائيلي حملن ۾ به ڪيترن ئي شهادتن جو امڪان آهي.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائين اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 44 هزار 758 ٿي ويو جڏهن ته هڪ لک 5 هزار 834 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.
اسرائيلي فورسز جو جباليه۽ بيت الاهيه سميت ڏکڻ جي علائقن جو سخت محاصرو به جاري آهي جڏهن ته دير البلاح ۾ اسرائيلي نيوي 6 فلسطيني مهاڻن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو..- Advertisement -
