- Advertisement -
غزا امن معاهدي تحت فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس 20 اسرائيلي يرغمالين کي ريڊ ڪراس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسرائيل طرفان 17 سئو کان وڌيڪ فلسطيني قيدين جي آزادي عمل ۾ آندي پئي وڃي.
عرب ميڊيا موجب، حماس اڄ ٻن مرحلن ۾ سمورن 20 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو، پهرين مرحلي ۾ 7 ۽ ٻئي مرحلي ۾ 13 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو.
اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس اڄ 28 يرغمالين جا لاش به اسرائيل جي حوالي ڪندو، جڏهن ته 17 سئو فلسطيني قيدي اسرائيلي جيلن مان بسن ۾ سوار ٿي غزا ۽ اولهه ڪناري لاءِ روانا ٿي ويا آهن.
فلسطيني قيدين کي آزادي کانپوءِ غزا جي النصر اسپتال منتقل ڪيو ويندو.- Advertisement -
