غزه ۾ 6 يرغمالين جي موت جو ذميوار اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آهي : القسام بريگيڊ جي ترجمان ابو عبيده

- Advertisement -
القسام بريگيڊ جي ترجمان ابو عبيده چيو آهي ته غزه ۾ 6 يرغمالين جي موت جو ذميوار اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آهي. سماجي رابطن واري پليٽ فارم ٽيليگرام تي جاري بيان ۾ ابو عبيده جو چوڻ هو ته نصيرات واقعي کانپوءِ اسرائيلي يرعمالين جي حفاظت تي مقرر اهلڪارن کي هدايتون جاري ڪيون هيون ته اسرائيلي فوج ويجهو پهچي ته يرغمالين سان ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته نيتن ياهو غزه جنگ بندي معاهدي کي ٿيڻ کان روڪيو، نيتن ياهو جي فوجي ڪارروائي تي اصرار جو مطلب اهو آهي ته هو يرغمالين کي ڪفن ۾ سندن خاندانن تائين پهچائڻ چاهي ٿو. ابو عبيده جي بيان کانپوءِ القسام برگيڊ هڪ پوسٽر پڻ جاري ڪيو جنهن تي لکيو ويو ته فوجي دٻاءُ جو مطلب موت ۽ ناڪامي آهي جڏهن ته معاهدي جو مطلب آزادي ۽ زندگي آهي. پوسٽر ۾ هڪ هٿ ۾ پسٽل ۽ هڪ يرغمال ڏيکاريو ويو آهي. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته کين غزه جي هڪ سرنگ مان 7 آڪٽوبر تي حماس پاران اغوا ۽ يرغمال بڻايل 6 وڌيڪ ماڻهن جا لاش مليا آهن. اسرائيلي فوج هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪي لاش مليا آهن انهن ۾ 5 اسرائيلي ۽ هڪ آمريڪي شهري شامل آهن جن کي حماس 7 آڪٽوبر تي حملي کانپوءِ اغوا ڪيو هو. ٻئي پاسي غزه مان 6 اسرائيلي يرغمالين جا لاش ملڻ کانپوءِ عوامي ڪاوڙ تي وزيراعظم نيتن ياهو گھٻراهٽ جو شڪار ٿي ويو. پرڏيهي ميڊي جو چوڻ آهي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو يرغمالين کي زنده واپس نه آڻڻ تي عوام کان معافي گهري ورتي آهي. هڪ بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته يرغمالين کي واپس نه آڻڻ تي هو معافي جو طلبگار آهي، هو يرغمالين جي تمام ويجهو هئا پر ڪامياب نه ٿي سگھيا، حماس کي يرغمالين جي موت جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
38%
2.4m/s
0%
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
28 °
سُومر
24 °

تازه ترين خبرون