- Advertisement -
غزه ۾ اسرائيلي بربريت ۽ وحشاڻن حملن کي اڄ هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو، وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد ٿيڻ بعد شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 770 تائين پهچي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج وڌيڪ هوائي حملا تيز ڪندي هڪ ئي رات ۾ غزا تي اڍائي هزار حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 280 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
شهيد فلسطينين جو انگ 9 هزار 770 ٿي ويو ۽ 26 هزار زخمي ٿي پيا، شهيدن ۾ 4 هزار 800 ٻارڙا به شامل آهن.
يهودي فوج هوائي ۽ زميني حملا ڪري اتر غزا کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
يهودي فوج اسپتالن جي ڀرپاسي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر بمباري ڪئي، اسرائيلي فوج پناهگاهن کي به بخش نه ڪيو ۽ ٽن پناهگير ڪئمپن تي به بم وسايا.
اسرائيلي وحشياڻي حملن کي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو.
هوڏانهن اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته غزا ۾ زميني ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد هن وقت تائين اڍائي هزار کان وڌيڪ هدفن کي نشانو بڻايو آهي، عزا پٽي ۾ سڌي ريت ويڙهه جاري آهي.- Advertisement -
