- Advertisement -
غزه تي اسرائيلي فوج جا وحشياڻا حملا جاري آهن، يهودي فوج جي بمباري سبب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 215 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ٽي سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ گڏيل قومن جي امدادي ايجنسي جي پناهگيرن جي اسڪول جو گهيرو ڪري شيلنگ ڪئي جنهن ۾ 10 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
فلسطيني صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کان وٺي فلسطيني شهيدن جو انگ 26 هزار 637 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 65 هزار 387 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل غزه ۾ رهائشي علائقن تي به بمباري ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت جو خدشو آهي.
ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پاران الامل اسپتال جو گهيرو نائين ڌينهن به جاري آهي، اسپتال جي ڀرپاسي ۾ اسرائيلي فوج ۽ فلسطيني مزاحمتي ويڙهاڪن وچ ۾ ڇتي ويڙهه ٿي.
ٻئي طرف اولهه ڪناري ۾ به اسرائيلي فوج فائرنگ ڪئي، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ سبب وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترن ئي کي گرفتار ڪيو ويو.
ان کان علاوه، اسرائيل شام ۾ ايراني حمايت يافته مليشيا جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو تي جنهن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته حزب الله اتر اسرائيل ۾ اسرائيلي فوجي اڏن کي ٽينڪ مخالف ميزائل سان نشانو بڻايو.
ٻئي پاسي حماس اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب تي راڪيٽ حملو ڪيو، القسام بريگيڊ جو چوڻ آهي ته حملو فلسطينين جي قتل عام جو ردعمل آهي، حماس وٽ وڏي جنگي فائر پاور موجود آهي.
القسام بريگيڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسرائيل پنهنجي قيدين جي آزادي چاهي ٿو ته غزه تي حملا بند ڪري، ليس غزه مان فوج به واپس گھرائڻي پوندي.- Advertisement -
