- Advertisement -
ايران طرفان آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف مزاحمت ۾ شهيد ٿيلن جي ياد ۾ ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته غرور ۾ ٻُڏل هڪ شخص سڄي دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي، آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ته اقتدار جي عروج تي طاقتور ترين حڪرانن سان ڇا ٿيو؟ فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ٿيو، اهو ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيندو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آيت الله خامنه اي چيو ته غرور ۾ ٻُڏل هڪ شخص سڄي دنيا جا فيصلا ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهرجي ته اقتدار جي عروج تي طاقتور ترين حڪرانن سان ڇا ٿيو؟.
ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو ته فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان جيڪو ٿيو، اهو ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيندو.
- Advertisement -
