- Advertisement -
سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو آهي ته فلسطين ۾ هٿين خالي شهرين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، عرب ملڪ فلسطينين لاءِ آواز اٿارن پاڪستان جو عوام ساڻن گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري کي فلسطين جي عوام لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، دنيا مظلوم فلسطينين سان ٻڌي جو اظهار ڪري.
ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽسوري چيو ته کين شرم کان ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي، قائداعظم جي فرمان تي عمل نه ڪيو، پاڪستان جي تاريخ شهيدن جي رت سان ڀريل آهي.
سندس چوڻ هو ته فلسطين جي هٿين خالي مسلمانن ۽ ٻارن تي ظلم جاري آهي، عرب ملڪ فلسطينين لاءِ آواز اٿارن پاڪستان جو عوام ساڻن گڏ بيٺل آهي.
گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري چيو ته عالمي برادري کي فلسطين جي عوام لاءِ آواز اٿارڻو پوندو، دنيا مظلوم فلسطينين سان ٻڌي جو اظهار ڪري………- Advertisement -
