تازه ترين

غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو جتي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار 670 ٿي ويو

- Advertisement -
غزا ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري ويو جتي اسرائيلي فوج جي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار 670 ٿي ويو ۽ 10 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. حماس کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام اسرائيل جي نائين ڏينهن به هٿين خالي فلسطينين تي بمباري جاري آهي جنهن سبب وڌيڪ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ ٻارڙا ۽ عورتون به شامل آهن جڏهن ته يهودي فوج هٿان شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار  670 ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، حماس جي اسرائيل تي حملي بعد اسرائيلي فوج جي  غزا تي بمباري جاري آهي جڏهن ته اسرائيلي فوج طرفان بنا جواز رهائشي عمارتن، عورتن ۽ ٻارڙن کي نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن سبب شهيد فلسطينين جو انگ وڌندو پيو وڃي. فلسطين جي صحت واري وزارت هڪ هفتي کان وڌيڪ جاري غزا تي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ وقت تائين 724 ٻارڙن سميت 2 هزار 329 فلسطيني شهيد ۽ 9 هزار 700 فلسطينين جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيل جي صحت واري وزير دعويٰ ڪئي آهي ته حماس جي حملن ۾ 13 سئو اسرائيلي مارجي ويا ۽ 3 هزار 400 زخمي ٿي پيا آهن. گڏيل قومن موجب غزا تي هلندڙ بمباري سبب غزا مان 3 لک ماڻهو بي گهر ٿي ڪيمپن ۾ پناهه وٺي چڪاآهن. اسرائيلي فوج غزا جي بجلي، پاڻي، خوراڪ، دوائن سميت ٻارڻ جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب غزا ۾ انساني بحران جو خدشو آهي. اسرائيل حڪومت جو چوڻ آهي ته يرغمال بڻايل فوجين جي آزادي تائين غزا جي خوراڪ، ٻارڻ ۽ بجلي جي فراهمي بند رکي ويندي. گڏيل قومن غزا جي مڪمل ناڪابندي، بجلي ۽ پاڻي توڙي خوراڪ جي بندش کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي شهرين جي بقا لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
28 %
2.2kmh
54 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون