تازه ترين

فلسطينين تي باهه وسائي پئي وڃي پر دنيا خاموش آهي، گڏيل قومن کي اسرائيلي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: وزيراعظم شهباز شريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته فلسطينين تي باهه وسائي پئي وڃي پر دنيا خاموش آهي، گڏيل قومن کي اسرائيلي ظلم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. لاهور ۾ اقليتن جي قومي ڏهاڙي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  دنيا فلسطينين جي نسل ڪشي جو تماشو ڏسي رهي آهي. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو پنهنجي فوج سان ملي فلسطينين تي ظلم ڪري رهيو آهي،  امن لاءِ قائم ادارو جو به اسرائيل تي ڪو اثر ناهي. سندس چوڻ هو ته  غزا ۾ ظلم سبب جشن آزاديءَ جون خوشيون ٻاڙيون ٿي ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گڏيل  قومن قومن کي غزا ۾ جنگبندي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اقليتي برادري ملڪ جي ترقي ۽ حفاظت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت اقليتي برادري جي سڪيورٽي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اقليتي برادري پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، اها ڪا معمولي ڳالهه ناهي، اقليتي برادري ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن. هن چيو ته نواز شريف اقليتي برادري لاءِ هميشه آواز بلند ڪيو،  اقليتي برادري جي حقن لاءِ  ڪوششون جاري رهنديون. سندس چوڻ هو ته صوبائي حڪومتون به اقليتي برادري بابت متحد آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اقليتي برادري هميشه ملڪي استحڪام ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اقليتي برادري هر شعبي ۾ ملڪ ۽ قوم لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون