- Advertisement -
فيصل آباد ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اميدوارن تي ڏنڊ وڌو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 22 اميدوارن تي مجموعي طور تي هڪ لک 80 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي.
ن ليگ جي اميدوارن خالد پرويز گل ۽ قاسم فاروق تي ڏنڊ ۽ جعفر علي کي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته آزاد اميدوارن اڪرم چوڌري، چنگيز خان ڪاڪڙ، اسماعيل سيلا ۽ علي سرفراز تي به ڏنڊ وڌو ويو آهي، جڏهن ته 5 اميدوارن کي وارننگ ۽ ٽن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ ضابطن خلاف سائيز جا بينر ۽ پينافليڪس لڳائڻ تي ڏنڊ لڳايو ويو آهي.
ٻي پاسي اليڪشن ڪميشن اين اي 95 فيصل آباد جي آر او کي غير حاضري تي فوري طور معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اين اي 95 فيصل آباد جي آر او جي غيرقانوني غير حاضري جو نوٽيس ورتو ويو آهي.
ترجمان موجب ڊيوٽي تان غير حاضر ۽ موبائيل فون بند رکڻ تي ريٽرننگ آفيسر خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.- Advertisement -
