- Advertisement -
فيض گنج مان ست مهينا اڳ اغوا ڄاڻايل نوجوان کي ڪراچي پوليس هٿ ڪري ورتو.
فيض گنج پوليس ٻڌايو ته ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي پوليس سجاد راڄپر کي هٿ ڪري کين اطلاع ڪيو.
پوليس جو چوڻ هو ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، عدالتي حڪم تحت نوجوان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ڳوٺ لکمڻ راڄپر واسي امجد راڄپر سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سندس ڀاءُ سجاد راڄپر کي سندس زال سرداران خاتون اغوا ڪرايو آهي، کيس کي بازياب ڪرايو وڃي.
عدالت پوليس کي نوٽيس جاري ڪندي مبينا نوجوان کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو- Advertisement -
