قاضي احمد ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ رتوديري جو رهواسي ڊرائيور فوت ۽ 10 مسافر زخمي

- Advertisement -
قاضي احمد ڀرسان ڪوچ ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ رتوديري جو رهواسي ڊرائيور فوت ۽ 10 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. قومي شاھراھ تي باءِ پاس چوڪ وٽ سکر کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ، ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ڊرائيور مظفر ولد عبد الله جلباڻي فوت ٿي ويو ۽ 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. زخمي مسافرن ۾  غلام حسين، ايوب شيخ، شبير ملاح، زين شاھ، محب لغاري، سيد اصغر شاھ،  علي حيدر چنو ۽ ٻيا شامل آهن. سمورن زخمين کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان 5 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي هالت ۾ نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو. رتوديري جي رهواسي ڊرائيور جو لاش قاضي احمد اسپتال ۾ پيل آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن کي اطلاع ڏنو ويو آهي، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
40%
0.6m/s
1%
سُومر
13 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
20 °

تازه ترين خبرون