تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

قانون ٽوڙيندڙ ڪو به شخص گهر واپس نه وڃڻ گهرجي : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته قانون ٽوڙيندڙ ڪو به شخص گهر واپس نه وڃڻ گهرجي، ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين،  وفاقي راڄڌاني کي هر صورت ۾ محفوظ رکڻو آهي،  امن امان خراب ڪندڙ هر شخص کي گرفتار ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صبح سوير پوليس فورس جو حوصلو وڌائڻ پوليس لائينز پهچي ويو. وفاقي گهرو وزير امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي. پوليس فورس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته سڀاڻي بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد شهر کي هر صورت محفوظ رکيو آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس فورس اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ ٽيم جيان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس فورس کي هدايت ڪندي چيو ته اسلام آباد جي امن امان کي خراب ڪندڙ هر شخص کي گرفتار ڪرڻو آهي، هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي واپس نه وڃڻ ڏيندا. وفاقي گهرو وزير چيو ته کين اوهان ۽ اوهان جون زندگيون عزيز آهن، ڊيوٽي دوران اوهان کي سمورو حفاظتي سامان پهرڻو آهي ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻا آهن، هو اوهان سان گڏ بيٺل آهن ۽ هميشه گڏ بيٺل رهندا. محسن نقوي چيو ته هن ڀيري اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏيندا، امن امان کي قائم رکڻ ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
10 %
4.1kmh
52 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون