- Advertisement -
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ خواجا محمد آصف چيو آهي ته قوم نواز شريف سان پيار ڪري ٿي، ن ليگ اقتدار ۾ اچي مهانگائي ۽ بيروزگاري جو خاتمو آڻيندي.
سيالڪوٽ جي يونين ڪائونسل گدپور ۾خواجا آصف ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته 9مئي تي حملا ڪندڙ ملڪ جا دشمن آهن، قومي سلامتي جي ادارن خلاف مهم هلائيندڙن کي معافي نه ملڻ گھرجي.
سندس چوڻ هو ته سيالڪوٽ نواز ليگ جو ڳڙهه آهي، عام چونڊن ۾ ن ليگ اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ اڪيلي حڪومت ٺاهي پنهنجي منشور تي عمل ڪندي.
ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف جو وڌيڪ چوڻ هو ته 14 مهينن جي حڪومت دوران شهباز شريف سياست کي داءُ تي لڳائي ملڪ بچايو.- Advertisement -
