- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر سعديه جاويد چيو آهي ته ڪاري سياست ۽ ڪارو جادو استعمال ڪندڙن جي آخري سڏ کي به عوام پاران نظرانداز ڪيو ويو آهي.
سنڌ سرڪار جي ترجمان سعديه جاويد هڪ بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جي فائنل ڪال قوم کي بهادر جوانن جي لاشن ۽ اربين رپين جي نقصان کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو.
هن چيو ته سياست کي راند ۽ مزدورن کي پنهنجو پيروڪار سمجهڻ وارن کي بدنامي ۽ ناڪامي حاصل ٿي.
سندس چوڻ هو ته قوم کي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جا لاش ڏيڻ وارا ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن.- Advertisement -
