- Advertisement -
قومپرست اڳواڻ بشير شاهاڻي جو مڙهه سن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي.
پنج ڏينهن اڳ قومپرست اڳواڻ بشير شاهاڻي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو.
بشير شاهاڻي جو مڙهه ڪراچي ايئرپورٽ کان سن منتقل ڪيو ويو.
بشير شاهاڻي جي سن ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، مرڪزي صدر سيد زين شاهه، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسم چيئرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ تحريڪ جي سورھه سنڌي، ڪشمور ضلعي چيئرمين گل محمد جکراڻي، اديب تاج جويو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جنازي نماز بعد بشير شاهاڻي جو مڙهه سائين جي ايم سيد جي پيرانديءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
صوفي فنڪار مانجهي فقير ساٿين سميت صوفياڻي سرن سان ڀيٽا پيش ڪئي.
بشير شاهاڻي، سائين جي ايم سيد جي ويجھو ھو ۽ هو جساف جو صدر توڙي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو ميمبر پڻ رهيو.- Advertisement -
