- Advertisement -
لاڙڪاڻي ۾ آرگنائيزنگ ڪاميٽي طرفان قبائلي نظام خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو.
آرگنائيزنگي ڪاميٽي طرفان منظور ڪلهوڙو، ڄام جمالي، ارباب مگسي، ايڊووڪيٽ محبت لاشاري، عبدالقيوم خالداڻي، محمد يونس لاشاري، علي رضا گاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته قبائلي نظام جهڙي بدبودار نظام تحت هٿ وٺي سنڌ اندر بربادي ڪرائي پئي وڃي.
سندن چوڻ هو ته اهڙي نظام سبب ئي ناليواري اينڪرپرسن امتياز مير، جان محمد مهر، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر، ناظم جوکيو، فاطمه ڦرڙو، ڊاڪٽر اجمل ساوند سميت ٻين کي قتل ڪرڻ جا افسوسناڪ واقعا پيش آيا آهن.
اڳواڻن جو چوڻ ته سالن کان وٺي اغوا ٿي ويل معصوم نينگري پريا ڪماري جو هن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌي قوم جي اڪثريت پڙهيل لکيل اديب، دانشور، استاد ۽ مظلوم محقوم ماڻهو سجاڳ ٿي هڪ آواز ٿي ان سنڌ دشمن نظام خلاف سياسي طور تي مزاحمت ۽ جدوجهد ڪندا تڏهن ئي قبائلي نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهبو…
- Advertisement -
