حزب الله هٿان وڏي جاني نقصان کانپوءِ اسرائيل جنگبندي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
لبنان ۾ اسرائيلي فوج کي وڏي نقصان کانپوءِ اسرائيل حزب الله سان جنگ بندي لاءِ راضي ٿي ويو، اسرائيلي سرڪاري ميڊيا جنگ بندي تجويز جو مسودو نشر ڪري ڇڏيو. مسودي ۾ اسرائيل ۽  لبنان کان گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اسرائيلي ميڊيا 60 ڏينهن جي جنگ بندي دوران مڪمل عملدرآمد کي حتمي شڪل ڏني ويندي. اسرائيل جنگ بندي جي ستن ڏينهن اندر لبنان مان پنهنجي فوج کي واپس گھرائيندو، اسرائيلي فوج جي نيڪاليءَ قت لبناني فوج جي مقرري شروع ٿي ويندي. لبنان جي نگران وزيراعظم نجيب مڪاتي اميد ظاهر ڪئي ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ جنگ بندي ٿي ويندي. ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته اسرائيل-لبنان جنگ بندي جون رپورٽون ۽ مسودو گردش ڪري رهيو آهي پر اهي ڳالهين جي عڪاسي نٿا ڪن. هوڏانهن عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني لبنان ۽ غزه ۾ حماس ۽ حزب الله هٿان 62 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
16%
5.2m/s
2%
ڇنڇر
22 °
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
23 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون