- Advertisement -
امريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊ کان اڳ ووٽنگ ۾ ڌانڌليءَ جو الزام لڳائي ڇڏيو.
ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ 4 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ امريڪا جي مختلف رياستن ۾ وقت کان اڳ پولنگ جاري آهي، ٽرمپ جي بيان سان پولنگ جي ساک تي سواليه نشان لڳي ويا.
اڳوڻي امريڪي صدر ۽ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پنسلوينيا رياست ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي.
ٻئي طرف صدر جوبائيڊن ڊونلڊ ٽرمپ کي ناڪام ترين شخص ۽ سندس حامين کي ڪچرو قرار ڏئي ڇڏيو،
ڪملا هيرس جو بائيڊن جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ته هوءَ اليڪشن کٽي سڀني آمريڪين جي نمائندگي ڪندي.
هن وڌيڪ چيو ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته ڪنهن کيس ووٽ ڏنو ۽ ڪنهن نه ڏنو.- Advertisement -
