لبنان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي غيرملڪي اڏام ذريعي وطن واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽ موجب، سول ايوي ايشن اٿارٽي اسرائيل طرفان گھرو ويڙهه جو شڪار ملڪ لبنان ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ خصوصي اڏام جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب، سول ايوي ايشن تصديق ڪئي ته غيرملڪي اڏام شام ونگز پاڪستانين کي کڻي ايندي، ايئر بس 320 اڏام ذريعي 180 پاڪستانين کي لبنان کان پاڪستان پهچايو ويندو.
ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران شام ونگز ايئرلائين پاڪستانين کي لبنان کان پاڪستان کڻي ايندي، ڊي جي سول ايو ايشن اٿارٽي لبنان ۾ مقرر پاڪستاني سفير کي اڏام جي اجازت جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
