- Advertisement -
القسام بريگيڊ جي ترجمان ابو عبيده جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ سال کان دشمن کان جنگ جاري آهي.
7 آڪٽوبر 2023 جي طوفان الاقصى آپريشن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي القسام بريگيڊ طرفان غزه ۾ اسرائيلي فوج تي ڪامياب حملن جون ويڊيوز ۽ بيان جاري ڪيا ويا.
طوفان الاقصى جي پهرين سالگرهه تي ترجمان القسام بريگيڊ جو چوڻ هو ته دشمن سان ڊگھي جنگ وڙهڻ لاءِ پوري طرح تيار آهن.
ابو عبيده جو چوڻ هو ته ڊگهي جنگ دشمن لاءِ مهانگي ثابت ٿيندي.
ان کان تل ابيب تي القسام بريگيڊ جي راڪيٽ حملن ۾ ٻه اسرائيلي عورتون زخمي ٿي پيون، اسرائيلي فوج به حملي جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته خان يونس کان وچ اسرائيل ۾ 5 راڪيٽ فائر ڪيا ويا.
واضع رهي ته آگسٽ کانپوءِ ڪنهن به اسرائيلي شهر تي فلسطيني گروپ جو هي پهريون حملو آهي.- Advertisement -
